حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي

حڪيم قاضي عبدالعزيز ’عزن‘ مورائي: حڪيم قاضي عبدالعزيز ولد قاضي محمد عثمان موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي بزرگن جي قائم ڪيل مدرسي مان پاس ڪيائين. 1925ع ڌاري ڊي. يو. ايم. ايس سنڌ طبيه ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. ان کان سواءِ هن پنج اعزازي ڊپلـوما: (1) ’ڊپلوما هوميوپيٿڪ پوسٽل انسٽيٽيوٽ ڪلڪتو‘ (1933ع)، (2) ’ايل. ايڇ. ايم. بي‘ (هوميو)، (3) ’ايم. ڊي‘ (هوميو)، (4) ’ميگنيٽو ڪيوز D.E.C‘ ۽ (5) ’جرمن ڪيوز ۾ M.B.G.C‘ بزم الضيا دهليءَ مان ڪيائين. قاضي عبدالعزيز انگريزن جي دؤر ۾ موري ۾ سب رجسٽرار، موري جو قاضي ۽ ڪجهه وقت ٽپال کاتي ۾ ملازم رهيو. هيءُ طبيه ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ طبيه ڪاليج حيدرآباد مان نڪرندڙ ’سنڌ طبيه ڪاليج مئگزين‘ جو ايڊيٽر رهيو. حڪيم قاضي عبدالعزيز حڪيم هجڻ سان گڏ سٺو شاعر پڻ هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’عزن‘ هو.
هن جا هيٺيان ڪتابچا لکيل آهن: (1) ’گهرو علاج‘، (2) ’تجويز علاج‘، (3) ’صحت بازي‘ (جنرل)، (4) ‘صحت سالم‘ (مشق ڪاپيون). هن جي تصنيف ٿيل ڪتاب ’سالم صحت‘ بيحد مقبوليت ماڻي. هن 1958ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مدفن پير عاليءَ جي مقبري ٻاهران پرديسي پير، بدين جي مقام ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو